24 سومر , سيپٽمبر 2018

البيلا کي مداحن کان وڇڙئي 14 ورهيه وهامي ويا

Alba went away from fans to 14 yearsلاهور(شوبز نيوز) ملڪ جي ناليواري اداڪار البيلا کي مداحن کان وڇڙئي 14 ورهيه وهامي ويا، پر سندس اداڪاري اڄ به ماڻهن جي چهرن تي  خوشيون وکيري ڇڏي ٿي.البيلا جي نالي سان مشهور اختر حسين 1941 ۾ گوجرا ۾ پيدا ٿيو ۽ فلمن ۾ البيلا جي نالي سان شهرت حاصل ڪئي. البيلا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 70 واري ڏهاڪي ۾ لاهور کان ڪئي. هن پهريان اسٽيج ۽ پوءِ فلم ۾ اداڪاري شروع ڪئي ۽ ٽي وي تي هن پنجابي ناٽڪ ” ايڪ سي بادشاهه“ ۾ اڪبر اعظم جو ڪردار ادا ڪيو. اهو ناٽڪ مغل دور جي مشهور ڪهاڻي انارڪلي جي پيروڊي هو. ڊرامي ۾ البيلا جي ڪردار جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي. ڊرامي ۾ شهزادي سليم جو ڪردار امان الله ادا ڪيو هو، ان ڊرامي بعد انهن جي جوڙي وري اسٽيج ڊرامن ۾ به مشهور حاصل ڪئي.البيلا ڪيترن ئي ٿيٽر ڊرامن ۾ ڪم ڪيو سندس شمار لاهور جي ڪمرشل ٿيٽر جي مشهور ترين اداڪارن ۾ ٿيندو هو. البيلا 200 کان وڌيڪ فلمن ۾ به ڪم ڪيو، فلم”وارداتيا“ اڪيلي فلم آهي جنهن ۾ هن مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. البيلا 17 جولائي 2004 تي لاهور ۾لاڏاڻو ڪري ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عامر خان به ڪترينا ڪيف جو ديوانو ٿي ويو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان به ڪترينا ڪيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے