21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نجم سيٺي جي صدارت هيٺ پي سي بي جو ساليانو اجلاس، اهم فيصلن جي  منظوري جو امڪان

The annual meeting of PCB under the chairmanship of Najam Sethi, the possibility of approval of important decision-makersلاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي جي صدارت هيٺ بورڊ جي ساليانو اجلاس جاري آهي. پي سي بي هيڊڪوارٽر ۾ جاري اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان ڊسٽرڪٽس ۽ ريجنل ڪرڪيٽ ايوسي ايشن جا نمائندا شريڪ آهن. اجلاس دوران بجيٽ جي منظوري ۽ گذريل اجلاس جي فيصلن جي منظوري ڏني ويندي. جڏهن ته قومي ٽيم جي فيوچر ٽور پروگرام جو جائزو پڻ ورتو ويندو ۽ جنرل ڪونسل کان گوادر ڪرڪيٽ ايسوسي ايشن جي گڏجڻ جي منظوري ورتي ويندي. پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي  بحالي وڏو ڪامياب قدم رهيو، ٽارگيٽ آسان نه هو پر مان ۽ منهنجي ٽيم تمام گهڻي محنت سان ڪم ڪيو. نجم سيٺي چيو ته سريلنڪا جو پاڪستان اچڻ تمام وڏو قدم هو، پي ايس ايل جي فائنل ۽ ورلڊ اليون جي دوري سان عالمي برادري جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي.پي سي بي چيئرمين جو چوڻ هو ته اسان ڪرڪيٽ کيڏي سگهون ٿا ۽ هاڻ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻو آهي، سياسي حالتون بدلجي رهيون آهن الله ڪري ملڪ ۾ استحڪام رهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے