23 آچر , سيپٽمبر 2018

پاڻي مان بجلي: ڇا سون جا” نينوذرات“ اسان جي مدد ڪري سگهن ٿا؟

Power from the water: Can golden "non-smell" help us?نيوجرسي(ويب ڊيسڪ) پاڻي مان بجلي پيدا ڪرڻ هڪ پراڻو طريقو اهو آهي ته پهريان پاڻي جي ماليڪيولز کي ٽوڙي آڪيسجن ۽ هائيڊروجن الڳ ڪيون وڃن جنهن کانپوءِ پاڻ ۾ ملائي ٻيهر پاڻي بڻايو وڃي ۽ ان دوران خارج ٿيندڙ توانائي کي بجلي ۾ تبديل ڪيووڃي. پر اهو طريقو هن وقت تائين واپاري لحاظ کان ڪجهه خاص ڪامياب ناهي ٿي سگهيو ڇو ته ان ۾ تمام مهانگي آهي ۽ ان ۾ پلاٽينم جهڙي قيمتي ڌهات استعمال ڪئي ويندي آهي.  پر هاڻ رٽگرز يونيورسٽي پاڻي کان هائيڊروجن ڌار ڪرڻ لاءِ هڪ نئون طريقڪار واضح ڪيو ويو آهي جيڪو هن وقت تائين ڪنهن ٻئي طريقيڪار جي ڀيٽ ۾ 4 سيڪڙو بهتر طور تي هائيڊروجن حاصل ڪري سگهي ٿو. ان جا تفصيل تحقيقي ميگزين ”ڪيم“ جي تازي شماري ۾ شائع ٿيون آهن جن مان اهو پتو پيو ٿو ته ان نئين طريقيڪار ۾ سون جي اهڙن ننڍن ننڍن ذرا استعمال ڪيا ويا آهن جن جي جسامت نينوميٽر پيماني جي آهي ۽ جيڪا ستارن جهڙي شڪل جا آهن. ان تي هڪ خاص طرح سيمي ڪنڊڪٽر(نيم موصل) مادي جي پرت چاڙهي انهن کي ان قابل بڻايو ويو آهي جو سج جي روشني استعمال ڪندي پاڻي مان هائيڊروجن الڳ ڪري سگهن. اهم ڳالهه اها آهي ته ان طريقي جي ڪارڪردگي، پاڻي مان هائيڊروجن(۽ آڪسيجن)  الڳ ڪرڻ وارن موجودا طريقيڪار جي مقابلي ۾ 4 سيڪڙو وڌيڪ آهي. انکانسواءِ پاڻي مان هائيڊروجن ڌار ڪرڻ جي طريقيڪار  ۾ هن وقت تائين الٽراوائيلٽ شعاعن ۾ استعمال ڪئي ويندي هئي جن جي ڪافي گهٽ مقدار  روشني سان گڏ زمين تائين پهچندي آهي جڏهن مصنوعي ذريعن کان الٽراوائيلٽ شعاعن جو حاصل خاص انتظامن جو تقاضا ڪندو آهي جنهن سبب اهي سمورا طريقيڪار تمام گهڻا مهانگا ٿي ويندا آهن. رٽگرز يونيورسٽي نيو جرسي ۾ مٽيريلز سائنس اينڊ انجينئرنگ ڊيپارٽمنٽ جي ايوسي ايٽ پروفيسر ۽ ڄاڻايل تحقيق جي نگران، لارا فيبرس چوي ٿي ته  الٽراوائيلٽ شعاعن جي جاءِ مرئي(نظر ايندڙ)  روشني ۽ انفراريڊ لهرن جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته سج کان زمين تائين پهچندڙ شعاعن ۾ انهن جو گهڻو مقدار موجود هوندو آهي.سون جي نينوذرات تي ٽيٽانيم آڪسائيڊ جي باريڪ پرت چڙهڻ بعد ان مادي تي الٽراوائيلٽ، مرئي روشني ۽ انفراريڊ لهرون وڌيون ويون ته انهي ٽنهي نمونن جي شعاعن تمام سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ هلندڙ طريقيڪار جي مقابلي ۾ 4 سيڪڙو تائين بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. لارا فيبرس موجب اهو پنهنجي نوعيت جي پهريون تجربو آهي، جڏهن ته ان ڪاڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هو ۽ سندس ساٿي ٻين مادن کي پڻ آزمائيندا، ته جيئن مستقبل ۾ صاف سٿري بجلي حاصل ڪرڻ کي تمام گهٽ خرچ بڻائي سگهجي ته جيئن سڄي دنيا ۾ اهو طريقو فائديمند ثابت ٿئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Facebook announced fake newsletters to watch videos and images

فيسبڪ جعلي خبرن وارين ويڊيوز ۽ تصويرن جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪيلفورنيا( ويب ڊيسڪ ) فيسبڪ پنهنجي هڪ بلاگ ۾ اعلان ڪيو آهي ته هو جعلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے