23 آچر , سيپٽمبر 2018

مستونگ سانحي دهشتگردن جي چيلهه ڀڃڻ واري دعويٰ تي سوال اٿاري ڇڏيا: بلاول

BilawalBhutto,  MastungCarnage,  Quettaڪوئيٽا ( م ڊ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستاني قوم بهادر آهي، 25 جولاءِ تي ووٽ جي مدد سان دهشتگردن کي شڪست ڏيندي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ سراوان هائوس پهچي  5

سراج رئيساڻي جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي جا واقعا ڪٿي به نه ٿيڻ گهرجن، اليڪشن هڪ خوف جي ماحول ۾ وڙهي رهيا آهيون. هن چيو ته  اليڪشن کان اڳ دهشتگرديءَ جا واقعا ٿي رهيا آهن ۽ دهشتگرديءَ جا واقعا افسوس جوڳا آهن. سندس چوڻ هو ته اسان کي ٻڌايو ويو هو ته دهشتگردن کي چيلهه چٻي ڪئي وئي آهي، مستونگ سانحي دهشتگردن جي ڀڳل چيلهه تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. سڪيورٽي اسان جي پهرين ترجيح ٿيڻ گهرجي. پ پ کي اميد آهي ته عام چونڊون وقت تي ٿينديون. هن چيو ته پاڪستاني قوم بهادر آهي، 25 جولاءِ تي ووٽ جي مدد سان دهشتگردي کي شڪست ڏيندا. ڪٿي به دهشتگرديءَ جا واقعا نه ٿيڻ گهرجن، اليڪشن خوف جي ماحول ۾ وڙهڻ وڃي رهيا آهيون.سي ايم ايڇ ۾ زخمين جي عيادت کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، عالمي برادريءَ سان ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا آهن. هن چيو ته نئين حڪومت کي معيشت توڙي عالمي برادريءَ سان بهتر لاڳاپن جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته عمران خان ڪي پي مان دهشتگردي ختم نه ڪئي آهي، احتساب جا ادارا بند پيل آهن. احتساب بنا فرق ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته سياست کي فٽبال وانگر کيڏيو ويندو ته ڪرپشن جو اشو ختم نه ٿيندو. هن  چيو ته عمران خان روز نئين ڳالهه ڪندو آهي، سندس يوٽرن کي فالو نه ٿو ڪري سگهان. 1129

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے