19 اربع , سيپٽمبر 2018

مستونگ سانحي خلاف سينيٽ ۾ مذمتي ٺهراءُ پاس ، ميڊيا تي تنقيد، نگران حڪومت ناڪام قرار

CenateInPakistan,  CaretackerGovernment, SheryRehmanاسلام آباد ( بيورو) سينيٽ ميمبرن چيو آهي ته مستونگ سانحو پاڪستان جي تاريخ جو تمام خراب سانحو آهي، بلوچستان نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، بلوچستان جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ را جو هٿ آهي، رياست کي پنهنجي شهري

جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ گهرجي. سينيٽ ۾ مستونگ سانحي تي تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته مستونگ سانحي ۾ بيگناهه ماڻهو شهيد ٿيا آهن، ٽي وي چينلز مستونگ بم ڌماڪي جي حوالي سان ڪوريج صحيح نه ڪئي، اسان کي چينلز جي رويي تي خدشا آهن. هن چيو ته شهيدن جي پونئيرن کي معاوضو ملڻ گهرجي. سينيٽر نصيب الله بازئي چيو ته بلوچستان ڪيستائين لاش کڻندو رهندو. سينيٽر مير ڪبير چيو ته مستونگ سانحو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان خراب سانحو آهي، هيستائين جي اطلاعن موجب 213 ماڻهو ان بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويا آهن. سينيٽر موسيٰ خيل چيو ته رياست کي پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سينيٽر رضا رباني چيو ته نگران حڪومت جو بنيادي مقصد امن امان برقرار رکڻ هوندو آهي پر اها ان ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، لڳي ٿو ته سياستدانن ۽ سياسي ڪارڪنن جي حفاظت ترجيح ناهي رهي. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جا ٽي اجلاس ٿيا جن ۾ امن امان بدران معاشي صورتحال ۽ ويزا پاليسي تي غور ڪيو ويو. بلوچستان جون حالتون خراب ڪرڻ ۾ را جو هٿ آهي، جن ماڻهن جا نالا فورٿ شيڊيول ۾ شامل هئا، رات وچ ۾ ڪڍيا ويا، اهڙن ماڻهن کي ڪيئن قومي ڌارا ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻن عسڪريت پسند پارٽين قومي اسيمبلي جي سيٽن جي لاءِ 200 اميدوار بيهاريا آهن، انهن مان ڪنهن به عسڪريت پسندي کان عليحدگي اختيار ناهي ڪئي. پنهنجي انداز فڪر کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي ان کان اڳ جو ٻين گهرن ۾ لڳندڙ باهه اسان جي گهرن تائين پهچي وڃي. سينيٽر شبلي فراز چيو ته رياستي ادارا فعال نه هوندا ته مسئلا حل نه ٿا ٿي سگهن، اسان جا ادارا مفلوج ٿي چڪا آهن، ماضي جي حڪومتن پنهنجون ذميواريون پوريون ناهن ڪيون. سينيٽر مشتاق احمد خان چيو ته مير سراج رئيساڻي پاڪستان سان محبت ڪندڙ شخصيت هو، کيس بهادري جو ملڪ جو اعليٰ ترين اعزاز ڏنو وڃي. چونڊن ۾ سياسي پارٽين کي برابر موقعا نه ملندا تيستائين جمهوريت مضبوط نٿي ٿي سگهي.

 

.. سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته هن وقت اسان کي متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، سينيٽ جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو 19 جولاءِ تي اجلاس طلب ڪيو آهي جنهن ۾ پارٽين جي اڳواڻن، اميدوارن ۽ جاين جي فول پروف سيڪيورٽي، پولنگ اسٽيشنن جي ڪئميرائن ذريعي نگراني، چونڊن جي شفافيت، بيلٽ باڪسن جي محفوظ منتقلي سميت ٻين معاملن تي غور ڪيو ويندو. ڀارت دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي. تعزيتي ريفرنس دوران تحريڪ انصاف جي پارلياماني اڳواڻ شبلي فراز اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي سزا جو ذڪر ڪيو ته ان تي مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر سعديه عباسي، سينيٽر آصف ڪرماڻي، سينيٽر پرويز رشيد ۽ ٻيا پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا ۽ پاڻ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي. مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته نگران حڪومت ايوان کي سنجيده نه وٺي رهي آهي، ايوان ۾ سوالن جا جواب نه ٿا ڏنا وڃن. هن چيو ته سياستدانن کي مرڻ جي لاءِ ڇڏيو ويو، ملڪ کي ڪير هلائي رهيو آهي، ڪميٽي آف هول ۾ سينيٽ کي مجموعي صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته داعش پاڪستان ۾ ڇا ڪري رهي آهي، پاڪستان ۾ داعش جي ڪاررواين بابت سينيٽ کي آگاهه ڪيو وڃي، بلاول ڀٽو زرداري جي قافلن کي روڪيو پيو وڃي، پشاور ۾ جلسي جي اجازت نه ڏني وئي. سينيٽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ مستونگ سانحي جي خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر شيري رحمان قرارداد پيش ڪندي چيو ته ان واقعي تي پورو پاڪستان ڏکويل آهي. سينيٽ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ معمول جي ايجنڊا معطل ڪري مستونگ سانحي جي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي  ان موقعي تي عتيق شيخ، محمد علي سيف، آصف ڪرماني، انعامان وزير ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے