20 خميس , سيپٽمبر 2018

سنڌ ٽوڙڻ جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم جو منشور آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته جي ڊي اي ۽ ايم ڪيو ايم جو منشور ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪري راهه

هموار ڪرڻ ۽ نوان صوبن جي ڳالهه ڪري سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ آهي، پيپلز پارٽيءَ تي الزام هڻندڙن ڪالاباغ ڊئم جي حمايت ۾ ريليون ڪڍڻ جي شروعات سانگهڙ کان ڪرائي ۽ ڪالاباغ ڊيم جا سڀئي وڏي ۾ وڏا حامي ۽ مهم هلائيندڙ جي ڊي اي ۾ شامل آهن. اهڙن خيالن جواظهار هن سومر ڏينهن لاڙڪاڻي شهر جي مختلف هنڌن تي جلسن کي خطاب ڪندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو ته پير پاڳاري جي عزت ڪيون ٿا پر هو جي ڊي اي جي اتحاد اندر نظر وجهي ته کيس سڀئي ڊيم جي حمايت ۾ مهم هلائيندڙ نظر ايندا پيپلز پارٽيءَ تي الزام هڻي عوام کي بي وقوف نه ٿو بڻائي سگهجي. هن چيو ته اها پيپلز پارٽي ئي هئي جنهن سنڌ جي گهر گهٽي هر روڊ تي ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ اوٻاوڙو تائين ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ڌرڻا هڻي آمر وپرويز مشرف ۽ نوازشريف کي پڻ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏنو ته هاڻي به ڪنهن کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏينداسين نه ئي سنڌ جو عوام ڪنهن کي سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ ڏيندو. هن چيو ته جي ڊي اي جي سنڌ دشمن ايجنڊا بي نقاب ٿي چڪي آهي ۽ پيپلز پارٽي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو علم کڻي عوام جي قوت سان سنڌ جي وحدت جي خلاف سازش ڪندڙ اتحادن جو مقابلو ڪندي ۽ عوام سنڌ تي جي ڊي اي جي صورت ۾ اهڙن دشمن اتحادن جي حڪمراني ڪڏهن به قبول نه ڪندو. هن چيو ته جي ڊي اي جو سج لهڻ شروع ٿي چڪو آهي ۽ 25 جولاءِ تي فتح تير جي ٿيندي ڇاڪاڻ ته سنڌ جو عوام غدارن کي ڪڏهن به ووٽ نه ڪندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي ٽيون ڀيرو به سنڌ ۾ حڪومت ٺاهيندي ۽ سنڌ دشمن ايجنڊا رکندڙن جي سوچ کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏينداسين.ٻئي طرف نثار احمد کهڙي ملتان ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ انساني جانين جي ضياغ تي افسوس جو اظهار ڪيو،  هن چيو ته عمران خان کان وٺي پرويز خٽڪ تائين جيڪا زبان استعمال ٿي رهي آهي ان مان سندن سياسي تربيت جي خبر سڀني کي پئجي وئي آهي.6

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے