21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نواز شريف، مريم ۽ صفدر جي اپيل تي اڄ ٻڌڻي، سزا ڏيندڙ جج جي وڌيڪ ٻڌڻين کان معذرت

IHC,  MaryamNawaz,  NawazSharif,  CaptainRSafdarاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب

عدالت جي طرفان ڏنل سزا جي خلاف اپيل اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس احتساب عدالت جي فيصلي جي خلاف نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جون اپيلون مارڪنگ لاءِ چيف جسٽس آفيس ڏانهن اُماڻيون ويون جنهن کي اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ اڄ ٻڌڻي ڪندي. هاءِ ڪورٽ ۾ داخل اپيل ۾ احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سزا معطل ڪري ڏوهارين کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. اپيل جي متن موجب احتساب عدالت انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ بنا سزا ٻڌائي اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ضمني ريفرنس ۽ عبوري ريفرنس جي الزامن ۾ تڪرار هو، صفائي جي بيان ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو ته فريادي الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو انڪري شڪ جو فائدو جوابدارن کي ٿيندو آهي انڪري سزا ٻڌائي احتساب عدالت جي جج قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. اڊيالا جيل ۾ قيد ٽنهي جوابدار جي طرفان داخل اپيل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واجد ضياءِ جي بيان جي بنياد تي سزا ٻڌائي وئي جيڪو جاچ آفيسر هو پر کيس تمام گهڻي حقيقتن جي ڄاڻ ناهي، نواز شريف ڪڏهن به ايون فيلڊ اپارٽمنٽس جي ملڪيت جي دعويٰ ناهي ڪئي ۽ فريادي نواز شريف جي اپارٽمنٽس جي مالڪ هئڻ جا ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو جڏهن ته فريادي پڻ تسليم ڪيو آهي ته نواز شريف جي فليٽن جي مالڪ هئڻ جو ڪو به ثبوت ناهي مليو. اپيل موجب جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ  پاڻ اهو تسليم ڪيو آهي ته ايم ايل اي جو جواب ناهي آيو ان باوجود الزام لڳائڻ بدنيتي آهي جڏهن ته رابرٽ ريڊلي تسليم ڪيو آهي ته ان پاڻ ڪيلبري فونٽ ڊائون لوڊ ڪيو.هوڏانهن نواز شريف کي جيل انتظاميا روٽي پلانٽ ۽ بورچيخاني سيل جو دورو ڪرايو ۽ هن ڪيپٽن صفدر سان به ملاقات ڪئي. هوڏانهن مريم نواز به جيل ۾ عورت قيدين سان ملاقات ڪئي. 0329

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے