19 اربع , سيپٽمبر 2018

جسقم چيئرمين صنعان قريشي اين اي 200 تي راشد محمود جي حمايت ڪري ڇڏي

Larkana: One of the first petitioners of the sanan Qureshi, announced the support of Rashid Mahmood Soomro

لاڙڪاڻو(م ڊ) لاڙڪاڻي جي سياست ۾ تاريخي تبديلي، شهيد بشير خان قريشي جي پٽ ۽ جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي پاران اين اي 200

واري تڪ تان چونڊ وڙهندڙ مولانا راشد خالد محمود سومرو جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مولانا راشد خالد محمود سومرو جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين ۽ شهيد بشير خان قريشي جي پٽ صنعان خان قريشي سان ملاقات ڪئي،  موجوده سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪرڻ بعد صنعان خان قريشي سندس ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان متحده مجلس عمل جي ٽڪيٽ تان چونڊ وڙهندڙ جي يو آءِ ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻ اين اي 200 جي اميدوار مولانا راشد خالد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن سان ويساهه گهاتيون ڪندڙن جا اقتداري ڏينهن ختم ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام جو اهو فيصلو آهي. هنن سنڌ دشمنن کي هاڻي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

Milk, KarachiCommissionor

ڪراچي ۾کير 100 رپيا ڪلو وڪرو، ڪمشنر ۽ واپارين ۾ڳالهيون ناڪام

 ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ کير 100 رپيا ڪلو وڪرو، ڪمشنر ڪراچي جي کير جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے