25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڳڙهي خيرو جي   اسپتال دوائن جي کوٽ سبب عوام  لاءِ بي لاڀ بڻيل

Garhi Khairo: Medicines shortage in hospital, people in trouble*ڳڙهي خيري جي سرڪاري  اسپتال  دوائن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ سبب عوام  لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي، علائقي واسي علاج لاءِ ٻين شهرن جا چڪر ڪاٽڻ لڳا..

شهرين جو چوڻ آهي ته کين اسپتال ۾ ڪا به سهولت ميسر ناهي جنهن ڪري هو علاج لاءِ ٻين شهرن ڏانهن وڃن ٿا.

هنن ٻڌايو ته اسپتال ۾ دوائون اڻلڀ آهن جڏهن ته ٻيون بنيادي سهولتون به ميسر ناهن

شهرين جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر به اڪثر اسپتال مان غير حاضر رهن ٿا،  هو اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪرڻ بدران پنهنجي خانگي اسپتالن ۾ ماڻهن جو علاج ڪن ٿا.

ڳوٺاڻن عوامي آواز ٽي وي کي ٻڌايو ته اسپتال ۾ ڪُتي جي ڏاڙهڻ جي ويڪسين به ناپيد آهي جنهن ڪري ٻين شهرن جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا.

هنن سنڌ جي نگران وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته اسپتال مان دوائن جي کوٽ ختم ڪري ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي جو پابند بڻايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Daharki

نيوز | ڏھرڪي: موٽر وي پوليس پاران نيشنل هاءِ وي ۽ باءِ پاسز تي وڻ پوکيا ويا

ڏھرڪي ۾ موٽر وي پوليس پاران نيشنل هاءِ وي ۽ باءِ پاسز تي ڇهه سئو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے