16 خميس , آگسٽ 2018

شهيد بي بي جو واعدو نڀائڻ ۽ ملڪ بچائڻ لاءِ نڪتو آهيان: بلاول ڀٽو زرداري

اٽڪ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جو مقابلو سياستدانن سان نه پر معاشي ناانصافي سان آهي، شهيد بي بي جو واعدو پورو ڪرڻ ۽ ملڪ بچائڻ لاءِ نڪتو آهيان. اٽڪ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي غريبن جي مدد ڪئي، اقتدار ۾ آياسين ته هارين جي فصلن جي انشورنس ڪرائينداسين، نوجوانن کي روزگار ڏينداسين، غريب عورتن کي بنا سود قرض ڏينداسين. هن چيو ته ن ليگ ۽ يوٽرن خان وٽ ڪو منشور ناهي، پ پ سنڌ ۾ 40 يونيورسٽيون قائم ڪيون، غريبن کي مفت علاج جون سهولتون فراهم ڪيون، ڪي پي ۾ ڪا اسپتال ۽ يونيورسٽي نه ٺي آهي. سندس چوڻ هو ته هيءَ منهنجي پهرين چونڊ آهي، ڪارڪنو! منهنجو ساٿ ڏيو. پ پ چيئرمين ملتان ۾ سلينڊر ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته متاثر خاندانن سان گڏ آهيون، زخمين کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وڃن. بلاول ڀٽو زرداري پ پ جي مقامي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن ۽ زخمين سان هر ممڪن سهڪار ڪيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے