16 خميس , آگسٽ 2018

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي عوام سدائين ڀوتارن، ميرن ۽ سردارن کي ووٽ ڏنو آھي، ووٽ جي پرچي کي عام پرچي نه سمجهيو وڃي. غوثپور ۾ استقبالي ڪئمپ تي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته  ووٽ جي پرچي سان عوام جي مقدر جو فيصلو ٿيڻو آهي، ان کي عام نه سمجهيو وڃي. هن چيو هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي ڀينگ ڪندڙ ڀوتارن ۽ سردارن کي شڪست ڏئي پنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪريون، اسان ملڪ ۾ اسلامي نظام آڻڻ چاھيون ٿا، جنھن ۾ غريب جي عزت محفوظ هجي، بک ۽ بيروزگاري جو خاتمو اچي. سندس چوڻ هو ته هن ڀيري ڪرپٽ ۽ آزمايل سياستدانن کي ووٽ نه ڏئي پنھنجي مستقبل کي تباھي کان بچايو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے