16 خميس , آگسٽ 2018

مستونگ سانحو: سينيٽ ۾ تعزيتي قرارداد منظور، ٻڌايو وڃي ته ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي؟ شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ مستونگ سانحي جي حوالي سان تعزيتي قرارداد گڏيل طور منظور ڪئي وئي آهي. پ پ ۽ ن ليگ عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ سياسي اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ معمول جي ايجنڊا معطل ڪري مستونگ سانحي تي بحث ڪيو ويو. مخالف ڌر اڳواڻ شيري رحمان تعزيتي قرارداد پيش ڪئي، جنهن کي گڏيل طور منظور ڪيو ويو. قرارداد ۾ سراج رئيساڻي ۽ ٻين شهيدن کي خراج پيش ڪندي ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو. بحث ۾ حصو وٺندي شيري رحمان چيو ته نگران حڪومت کي پنهنجون ذميواريون سمجهه ۾ نه پيون اچن، پابندي پيل پارٽيون نالا تبديل ڪري چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن، جلسا ڪري رهيون آهن. هن پڇيو ته نيڪٽا ڇا ڪري رهيو آهي؟ ڪير ڪنهن کي جوابده آهي يا نه؟ ٻڌايو وڃي ته هن وقت ملڪ ڪير هلائي رهيو آهي؟. سندس چوڻ هو ته پ پ جي ن ليگ سان ڪا به سوديبازي نه ٿي رهي آهي. رضا رباني سوال اٿاريو ته اليڪشن ڪميشن فيض آباد ۾ ڌر ڻو هڻندڙن کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڪيئن ڏني؟ جيڪڏهن پابندي پيل تنظيمن جا نمائندا هن پارليامينٽ ۾ اچي ويا ته ماحول ڪهڙو هوندو؟. ن ليگ سينيٽر پرويز رشيد چيو مان ان ڏينهن کان ڊڄي رهيو آهيان، جنهن ڏينهن اهي انتهاپسند ماڻهو ايوانن ۾ هوندا. بحث ۾ آصف ڪرماڻي، سعديا عباسي، شبلي فراز، ميان عتيق ۽ بئريسٽر سيف سميت ٻين سينيٽرن به حصو ورتو، جنهن کانپوءِ اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے