19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: چمبڙ: مقتول ناري سويرا ڀٽي جي وارثن جو ڪيس داخل ڪرڻ تي پوليس خلاف احتجاج

Chambar: The protest against the police on entering the case of Bharti's legacy of Margaret Nari Swarra*چمبڙ ۾ مقتول ناري سويرا ڀٽي جي وارثن پاران بنا جواز ڪيس داخل ڪرڻ تي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

چمبڙ ٿاڻي آڏو خالد، ذوالفقار ۽ نديم ڀٽي سميت ٻين مقتول سويرا ڀٽي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ تي پوليس خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مقتول ناري جي وارثن چيو ته سنجر چانگ پوليس سويرا ڀٽي قتل ڪيس ۾ 9 ڄڻن جا نالا بنا جواز شامل ڪري گرفتار ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته سنجرچانگ پوليس جلدبازي ڪندي سرڪاري فرياد تي سويرا ڀٽي قتل ڪيس داخل ڪيو آھي، جڏھن ته مقتول عورت جي پيءُ پاران ڏنل بيان رڪارڊ تي موجود آهي.

سندن چوڻ هو ته پوليس سويرا قتل ڪيس ۾ ايف آءِ  آر داخل ڪرڻ لاءِ وارثن جو انتظار ڪرڻ بدران ٻئي ڏينھن پاڻمرادو سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪري سراسر ظلم ڪيو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته قتل ڪيس جي شفاف جاچ ڪرائي مک جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن ماڻهن تان ڪيس ختم ڪن…

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے