16 خميس , آگسٽ 2018

پاڪستان ٻي ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

بلاويو (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم زمبابوي کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي سرسي ماڻي ورتي. پاڪستان طرفان اوپننگ بيٽسمين فخر زمان شاندار سينچري اسڪور ڪئي. بلاويو ۾ زمبابوي جي ٽيم ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ 49.2 اوورن ۾ 194 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ميزبان ٽيم طرفان ڪپتان هملٽن مساڪاڊزا 59 ۽ مور 50 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. پاڪستان طرفان عثمان خان شنواري 4، حسن علي 3 ۽ شعيب ملڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ قومي ٽيم گهربل ٽارگيٽ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 36 اوورن ۾ پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان طرفان اوپنر فخر زمان ۽ امام الحق پهرين وڪيٽ لاءِ 119 رنسن جي شاندار ڀائيواري قائم ڪئي پر بدقسمتي سان امام الحق 44 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ رن آئوٽ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ بابر اعظم ڪريز تي آيو ۽ ان فخر زمان سان گڏجي پاڪستان کي وڌيڪ ڪنهن به نقصان بنا ڪاميابي ڏياري ڇڏي. پاڪستان طرفان فخر زمان 117 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جنهن ۾ 16 چوڪا شامل هئا، جڏهن ته بابر اعظم 29 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ موٽيو. ميچ جو بهترين رانديگر فخر زمان کي قرار ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Sorry to attend the national cricket team's captain Sarfraz's Coaching Course

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز جي ڪوچنگ ڪورس ۾ شرڪت ڪرڻ کان معذرت

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) دنيا جا ڪيترائي ڪرڪيٽر راند تان ريٽائرمنٽ بعد ڪرڪيٽ ڪوچنگ سان سالهاڙجي رهيا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے