19 اربع , سيپٽمبر 2018

نواز شريف، مريم نواز ۽ صفدر جي سزا خلاف اپيل سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ  مقرر

Set up to hear the appeal against Nawaz Sharif, Maryam Nawaz and Safdar's appealاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر جي ايون فيلڊ ريفرنس ۾ احتساب عدالت جي طرفان ڏني ويندڙ سزا جي خلاف اپيل سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس احتساب عدالت جي فيصلي جي خلاف نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي اپيلون مارڪنگ لاءِ چيف جسٽس آفيس ڏانهن اُماڻيون ويون جنهن کي سڀاڻي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي. هاءِ ڪورٽ ۾ داخل اپيل ۾ احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ اپيل تي فيصلو اچڻ تائين سزا معطل ڪري ڏوهارين کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. اپيل جي متن موجب احتساب عدالت انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ بغير سزا ٻڌائي جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کان استدعا ڪئي وئي آهي ته احتساب عدالت جي جج محمد بشير جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي آجو ڪيو وڃي. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ضمني ريفرنس ۽ عبوري ريفرنس جي الزامن ۾ تڪرار هو، صفائي جي بيان ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو ته فريادي الزام ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو انڪري شڪ جو فائدو جوابدار کي ٿيندو آهي انڪري سزا ٻڌائي احتساب عدالت جي جج قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. اڊيالا جيل ۾ قيد ٽنهي ڏوهارين جي طرفان داخل اپيل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واجد ضياءِ جي بيان جي بنياد تي سزا ٻڌائي وئي جيڪو جاچ آفيسر هو پر کيس تمام گهڻي حقيقتن جو علم ئي ناهي، واجد ضياءَ جو بيان قابل قبول ناهي،  غير لاڳاپيل شاهديون آهن. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته واجد ضياءَ اهڙا دستاويز پيش نٿو ڪري سگهي جنهن جو هو شاهد نه هجي ۽ سندس شاهدي رڳو ٻُڌل ڳالهين تي ٻڌل آهي. اپيل ۾ چيوويو آهي ته نواز شريف ڪڏهن به ايون فيلڊ اپارٽمنٽس جي ملڪيت جي دعويٰ ناهي ڪئي ۽ فريادي نواز شريف جي اپارٽمنٽس جي مالڪ هئڻ جا ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو جڏهن ته فريادي پڻ تسليم ڪيو آهي ته نواز شريف جي فليٽن جي مالڪ هئڻ جو ڪو به ثبوت ناهي مليو. اپيل موجب ڪرپشن ۽ بدعنوانين سان لاڳاپيل نيب آرڊيننس جي سيڪشن 9 اي 5 جي تحت الزام ثابت ناهي ٿيو، ايون فيلڊ اپارٽمنٽس جي خريد قميت ٻڌائڻ کانسواءِ سزا ڏيڻ جو جواز نه هو جڏهن ته ضمني ريفرنس ۾ نئون الزام لڳايو ويو ۽ نواز شريف کي ان ئي ريفرنس جي بنيادتي سزا ٻڌائي وئي. اپيل ۾ چيو ويو آهي ته ضمني ريفرنس ۾ نواز شريف تي ٻيهر فرد جرم لاڳو ٿيڻ گهرجي ها پر ائين ڪرڻ بنا سزا ٻڌائي وئي ۽ احتساب عدالت شاهدين کان بغير فيصلو ٻڌايو. اپيل ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نواز شريف کي سزا ڏيڻ جو ڪو به قانوني جواز نه هو ان لاءِ سندس خلاف غيرقانوني فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.  اپيل موجب واجد ضياءَ تسليم ڪيو آهي ته ٻارن جو نواز شريف جي خرچ هيٺ هجڻ جا ثبوت ناهن مليا ۽ ٻارن کي ڪاوربار هلائڻ لاءِ نواز شريف پيسا ڏنا ان جو به ثبوت ناهي مليو جڏهن ته عدالت واجد ضياءَ  جي ان بيان کي مڪمل نظر انداز ڪيو ۽ غلط مفروضي جي بنياد تي سزا ٻڌائي ۽ احتساب عدالت جو فيصلو حقيقتن ۽ شاهدين تي ٻڌل ناهي. اپيل موجب جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ  پاڻ اهو تسليم ڪيو آهي ته ايم ايل اي جو جواب ناهي آيو ان باوجود الزام لڳائڻ بدنيتي آهي جڏهن ته رابرٽ ريڊلي تسليم ڪيو آهي ته ان پاڻ ڪيلبري فونٽ ڊائون لوڊ ڪيو ۽ هن اهو به تسليم ڪيو ته هو ڪمپيوٽر گيڪ ناهي. اپيل جي متن موجب واجد ضياءَ چيو ته کيس ناهي خبر 7 جولائي تي بي وي آءِ جو خط جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ ڪنهن ڪڏهن لڳايو. اپيل جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ميوزڪ فونيسڪا جي خطن پوري ٻڌڻي دوران تڪراري رهيا، فريادي جي ذميداري هئي ته خطن جي متن جي تصديق ڪري ها پر هو ان ۾ ناڪام رهيو، بنا تصديق جي مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر تي مددگار جو الزام لڳائڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل اپيل ۾ چيو ويو آهي ته احتساب عدالت کي  فيصلو هڪ هفتو دير سان ٻڌائڻ جي درخواست ڪئي ته پر احتساب عدالت درخواست رد ڪري غير حاضري ۾ فيصلو ٻڌايو ۽ فيصلي ۾ نواز شريف ۽ ٻين کي ڪرپشن جي الزامن کان آجو ڪيو ويو پر عدالت ڏوهاري قرار ڏيندي سزائون ٻڌايون. ياد رهي ته احستاب عدالت 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي گڏيل طور 11، مريم کي 8 ۽ ڪيپٽن صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے