26 اربع , سيپٽمبر 2018

باليووڊ باربي ڊول ڪترينا ڪيف اڄ پنهنجي 35 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي

Balloard Barbie dool Katrina Laif is celebrating her 35th anniversary todayممبئي(شوبز نيوز) پنهنجي دلڪش ۽ دلفريب حسن سان باليووڊ ۾ باربي ڊول جي نالي سان مشهور ماڻيندڙ اداڪارا ڪترينا ڪيف اڄ پنهنجي 35 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي. 16 جولائي 1983 تي هانگ ڪانگ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪترينا ڪيف جي  پيءُ ”محمد ڪيف“ جو تعلق والاريل ڪشمير جڏهن ته امڙ” سوسانا ٽريڪويٽ برطانوي شهري آهي. ڪترينا ڪيف تمام ننڍڙي عمر ۾ ماڊلنگ جي دنيا ۾ قدم رکيو ، ماڊلنگ دوران کيس ڀارتي ڄائي برطانوي فلمساز ڪارڪيزاد گستاد فلم”بوم“ ۾ اداڪاري جي آڇ ڪئي جنهن ۾ باليووڊ سپر اسٽار اميتاڀ بچن، جيڪي شروف ۽ گلشن گروور ڪم ڪيو هو. جنهن بعد هن تيلگو ۽ تمل فلمن ۾ پڻ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا. باليووڊ ۾ کيس  پهرين ڪاميابي 2005 ۾ بلاڪ بسٽر فلم” سرڪار“ جي صورت ۾ ملي،  جنهن بعد هن پوئتي موڙي نه ڏٺو، سندس ڪاميابي جو ثبوت اهو آهي جو هو موجودا دور جي انهن ڪجهه هٿ تي ڳڻڻ جيترن  سپر اسٽارن ۾ شامل آهي جن باليووڊ تي راڄ ڪندڙ ٽنهي خانن سان گڏ ڪم ڪيو آهي. ڪترينا ڪيف جي ڪاميابي ۾ سڀ کان وڏو ڪردار سلمان سان سندس دوستي جو آهي، جنهن هر مشڪل وقت ۾ ساڻس ساٿ نڀايو آهي. سندس باليووڊ جي  مشهور فلمن ۾ سرڪار،نمستي لنڊن، مين ني پيار ڪيون ڪيا، ڌوم، جب تڪ هي جان، بينگ بينگ، ايڪ ٿا ٽائيگر ۽ ٽائيگر زندا هي شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے