19 اربع , سيپٽمبر 2018

شهري حڪومت ۾ مبينا طور اربين رپين جي گهوٻين خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي

According to the urban government, the billions of rupees heard the petition filed against the Ghadiڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهري حڪومت ۾ مبينا طور اربين رپين جي گهوٻين بابت پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي ميئر ڪراچي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي عدالت ڌرين کي 31 جولاءِ تائين جواب جمع ڪرائڻ لاءَ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿيل ٻڌڻي دوران سندھ هاءِ  ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وسيم اختر کي 20 مهنين ۾ شهر جي ترقياتي ڪمن لاءِ اربين رپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا پر شهر جي حالت نه سڌري.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويوآهي ته شهري حڪومت جي هر شعبي ۾ بدترين ڪرپشن ۽ مالي بي ضابطگيون ٿي رهيون آهن وسيم اختر خلاف جاچ ڪئي وڃي .درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وسيم اختر هاڻي صادق ۽ امين نه رهيو آهي  ان ڪري ڪي ايم سيفنڊ جي صاف ۽ شفاف آڊٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون وڃن .

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسحاق ڊار کي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي سربراهي تان هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار کي يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے