16 خميس , آگسٽ 2018

سبزين ۽ ميون جي استعمال سان سهڪي جي بيماري کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو

The disease with the use of vegetables and fruits can be minimizedپئرس(ويب ڊيسڪ ) جيڪڏهن ڪو شخص ميون ۽ سبزين جو گهڻو استعمال ڪندو آهي ته اول تي ان کي سهڪو ٿيڻ جو خطرو تمام گهٽ هوندو آهي ۽ ٻيو ته متاثر ٿيڻ بعد به ان جي شددت ۾ اضافو ناهي ٿيندو.  هڪ سائنسي مطالعي مان اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته سبزيون ۽ ميوا کائيندڙ ماڻهن ۾ سهڪي جو خطرو 30 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي ويندو آهي جڏهن ته سهڪي جا مريض ميوا ۽ سبزيون واپرائي بيماري جي شدت کي گهٽ ڪري سگهن ٿا. سبزيون  ۽ ميوا اهڙين اينٽي آڪسيڊنٽس سان ڀرپور هوندا آهن جيڪي جسم جي اندر سڙڻ کي گهٽ ڪندا آهن ۽ انهن ۾ موجود آڪسيڊنٽس ساهه کڻڻ واري عمل کي بهتر بڻائيندا آهن. پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سهڪي جا مريض سبزين تي ڌيان ڏئي ساهه واري نظام کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. اها تحقيق فرانسيسي ماهرن ڪئي آهي جنهن تحت ان تڪليف ڏيندڙ ڪيفيت کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. سهڪي ۾ ڦڦڙن جي اندر سوڄ پيدا ٿيندي آهي ۽ ساهه کڻڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف پيدا ٿيندي آهي. هن مطالعي ۾ ماهرن 35 هزار ماڻهن کي شامل ڪيو. انهن ماڻهن جي اڪثريت سهڪي جي بيماري جو شڪار هئي پر ان جي ڪيفيت ۽ شدت مختلف هئي. ڊگهي تحقيق بعد فرانس جي 13 يونيورسٽين ۽ ٻن سائنسي تحقيقي ادارن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي . تحقيق جو خلاصو اهو آهي ته ميون ۽ سبزين ۾ موجود ڪيترائي فائديمند وٽامن مڙدن ۾ سهڪي کي 30 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ 20 سيڪڙو تائين گهٽ ڪندا آهن. تحقيق ڪندڙ ماهر ڊاڪٽر رولينڊ اينڊريان سولو چيو آهي ته اسان جي تحقيق ٻڌائي ٿي ته صحت مند خوراڪ سهڪي کان بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. ميون ۽ سبزين ۾ ڪيترن ئي نمونن جا اينٽي آڪسيڊنٽس موجود هوندا آهن جيڪي سهڪي کي روڪيندا آهن. ٻئي پاسي لوڻ، کنڊ، گوشت ۽ ٻين ماس واري خوراڪن سان جسم ۾ سوڄ ۽ جلن وڌندي آهي. ماهرن چيو آهي ته خوراڪ ۾ميون ۽ سبزين جو وڌارو ساهه واري نظام کي مضبوط پڻ بڻائيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The hottest sleeping habit causes death before time: research

تمام گهڻي ننڊ ڪرڻ واري عادت وقت کان اڳ موت جو سبب بڻجي ٿي: تحقيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جيڪي ماڻهو روزاني 9 کان 10 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے