19 اربع , سيپٽمبر 2018

عسڪري پارڪ ۾ جهولو ڪري پيو ، نينگري سميت  4 ڄڻا فوت،  10 زخمي

Being involved in a rocky park, including youngsters 4 dead, 10 injuredڪراچي(ويب ڊيسڪ) پراڻي سبزي منڊي ويجهو واقع عسڪري پارڪ ۾ جهولو ڪري پيو جنهن جي نتيجي ۾ 8 ورهين جي نينگري 4 ڄڻا فوت ۽  10 ڄڻا زخمي ٿي پيا.عسڪري پارڪ ۾ جهولو ڪرڻ جي نتيجي ۾ 10 ورهين جي نينگري ڪشف سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.ٻن ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.آچر جي ڪري پارڪ ۾ ڪافي رش هئي ۽ هاڻي پارڪ کي  عوام لاءِ بند ڪيو يوو آهي جڏهن ته اتي موجود ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي.پوليس ۽ رينجرز واقعي واري هنڌ پهچي   پارڪ کي عوام لاءِ بند ڪرائي ڇڏيوهوڏانهن ڪرندڙ جهولي کي کڻڻ لاءِ ڪرين کي به پهچايو ويو ، جڏهن ته ريسڪيو جو ڪم جاري آهي، اکين ڏٺن شاهدن موجب جهولي کي ٽرائل تي هلايو ويو هو جڏهن ته ريسڪيو عملو حادثي کانپوءِ دير سان پهتو.ٻئي پاسي آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي ايس ايس پي ايسٽ کي فوري ريسڪيو قدمن جي هدايت ڪئي ۽ رپورٽ پڻ پيش ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے