24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: شيخ ڀرڪيو: فاران شوگر مل وٽ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ، نوجوان فوت ،  ٻه زخمي

Shaikh Bhirkyo: Road accident at Faran Sugar mill between truck and Motorcycle, young man died, two injured*شيخ ڀرڪيو ڀرسان فاران شوگر مل وٽ ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان فوت  ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا .

حادثي جي نتجي ۾  نوجوان محمد صديق شيخ  موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته غلام شبير شيخ ۽ نياز احمد شيخ زخمي ٿي پيا .

فوتي جو مڙهه ۽ زخمين کي ترت ئي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي قانوني ڪارروائي بعد  مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي .

شيخ ڀرڪيو پوليس ڊرائيور عبدالرزاق بروهي کي گرفتار ڪري ٽرڪ  تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے