21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عوام اميدوار جي ڪارڪردگي ڏسي ووٽ جو فيصلو ڪري: چوڌري نثار

ٽيڪسلا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته عوام اميدوار جي ڪارڪردگي ڏسي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري، منهنجون خدمتون ڪنهن کان لڪيل ناهن. ٽيڪسلا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي چوڌري نثار چيو ته عوام اميدوار جي ڪارڪردگي ڏسي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪري ته توهان جي ووٽ جي پرچي جو اصل حقدار ڪير آهي، الله جو به حڪم آهي ته امانتون ايماندار ماڻهن حوالي ڪيو. هن چيو ته عوام لاءِ منهنجون خدمتون ڪنهن کان لڪيل ناهن، مان اتي به ڪم ڪيو، جيڪو منهنجو تڪ نه هو، پنهنجي تڪ ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايم، مان ن ليگ نه پر ملڪ جي پئسن مان ڪم ڪرايو. سندس چوڻ هو ته ن ليگ مون کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر مان درخواست نه ڏني، ڇو ته هڪ ڀيرو اڇلايل ٿُڪ ٻيهر ناهيان چَٽيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …