16 خميس , آگسٽ 2018

لنڊن رائل شو ۾ پاڪ فضائيا ٻي پوزيشن جو اعزاز ماڻي ورتو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪ فضائيا برطانيا ۾ ٿيندڙ رائل انٽرنيشنل شو ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ٻي پوزيشن ماڻي ورتي آهي. پاڪ فضائيا جي ترجمان موجب برطانيا ۾ ٿيندڙ 3 ڏينهن واري رائل انٽرنيشنل ايئر ٽيٽو شو 2018ع ۾ پاڪ فضائيا جي هرڪوليس سي 130 جهاز سڄي دنيا مان آيل 300 جهازن ۾ ٻي پوزيشن پنهنجي نالي ڪئي آهي. لنڊن ۾ مستقبل جي فضائيا جي عنوان سان ڪانفرنس رٿي وئي، جنهن ۾ ايئر چيف مارشل شرڪت ڪئي ۽ ميگا ايونٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ٽيم کي مبارڪ ڏني. لنڊن ۾ ٿيندڙ 3 ڏينهن واري رائل انٽرنيشنل شو ۾ سڄي دنيا مان 300 جهاز حصو ورتو، جنهن ۾ پاڪستان ايئر فورس جو سي 130 هرڪوليس به شامل هو، جنهن ٻي پوزيشن ماڻي. پاڪ فضائيا جي ايئر چيف جهاز جو معائنو ڪيو ۽ عالمي اعزاز کٽڻ تي قوم کي مبارڪ ڏيندي چيو ته اهو اعزاز عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري پهلو کي اجاڳر ڪندو. برطانوي تخت گاهه ۾ ٿيل ڪانفرنس ۾ 60 کان وڌيڪ عالمي فضائيا جي سربراهن شرڪت ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

We will make the government in Punjab: Rana Sanaullah claims

موقف پ پ تبديل ڪيو آهي، جواب اهي ئي ڏئي سگهن ٿا: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پ پ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے