16 خميس , آگسٽ 2018

هارون بلور تي حملي ۾ طالبان نه پر پنهنجا ملوث آهن: غلام احمد بلور

پشاور (ويب ڊيسڪ) اي اين پي جي شهيد اڳواڻ هارون بلور جي چاچي غلام احمد بلور چيو آهي ته منهنجي ڀائٽي کي طالبان نه پر پنهنجن شهيد ڪيو، جنهن جي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي آهي. پشاور جي علائقي يڪا توت ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ هارون بلور جي چاچي غلام احمد بلور صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ طالبان بيان ڏنو ته هارون بلور کي اسان ماريو آهي پر معاملو ان جي ابتڙ آهي، اسان وٽ ثبوت موجود آهن ته هارون جي قتل ۾ طالبان نه پر اسان جا پنهنجا ملوث آهن. سندس چوڻ هو ته هارون بلور جي قتل ۾ اهي ماڻهو ملوث آهن، جن کي ان واقعي سان فائدو پهتو، ان سان طالبان کي ته ڪو به فائدو نه پهچڻو هو، مخالف سمجهن ٿا ته اسان ڊڄي وينداسين پر اسان ڀَڄَڻ وارا ناهيون، چونڊن ۾ حصو وٺنداسين، مخالفن جي اها خواهش پوري نه ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے