21 جمعو , سيپٽمبر 2018

بلوچستان جي ضلعي قلعي سيف الله ۾ جلسن ۽ جلوسن تي پابندي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلعي سيف الله ۾ هر قسم جي جلسي ۽ جلوسن تي ايندڙ حڪم تائين پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. قلعي سيف الله جي ڊپٽي ڪمشنر ظفر علي بلوچ چيو آهي ته مستونگ سانحي ۽ سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سڄي ضلعي ۾ هر قسم جي جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪا ايندڙ حڪم تائين لاڳو رهندي. سندس چوڻ هو ته اميدوارن جي قافلي جي صورت ۾ به اچ وڃ تي پابندي هوندي ۽ انهن سان گڏ رڳو 5 گاڏين جي اجازت هوندي. ڊپٽي ڪمشنر موجب چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سمورن اميدوارن کي اليڪشن ڪميشن جي ضابطن تي عمل جي به هدايت ڪئي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے