23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز |خيرپور: غريب آباد پاڙي جي رهواسين جو سهولتون نھ ملڻ خلاف پ پ کي ووٽ نھ ڏيڻ جو اعلان

Khairpur, announcement not to vote against the protestersخيرپور جي غريب آباد پاڙي جي رهواسين پاران  ايندڙ چونڊن ۾ پ پ جي اميدوارن  کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

غريب آباد جي رهواسين حضور بخش لاشاري، عباس ڏنو ، ارشاد، غلام مصطفيٰ سيال، عبدالله ڦلپوٽو، بشير احمد ڀٽي، ارباب ڦلپوٽو، جمال ڇڄڙو، شوڪت ڇڄڙو، محمدعلي ڇڄڙو، زاهد حسين عباسي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي  شهرين ٻڌايو ته هو پ پ جا پراڻا ڪارڪن آهن سدائين هنن پ پ کي ووٽ ڪيا پر پارٽي کين سدائين نظر انداز ڪيو .

هنن چيو ته ٻيون سهولتون ته پر جي ڳالهه پر هو پئيڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهن

هنن چيو ته پ پ قيادت کين مڪمل طور نظر انداز ڪيو ان ڪري هاڻ  هو پ پ جي اميدوارن کي ووٽ نه ڪندا .

هنن چيو ته غريب آباد پاڙي ۾ صفائي سٿرائي نه هجڻ ڪري گندگيءَ جا ڍير لڳل آهن ۽ نالين جو گندو پاڻي رستن تي بيٺل آهي

هنن چيو ته  ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ سبب  هو بجليءَ کان پڻ محروم  آهن  هنن سيد قائم علي شاهه کي دانهن پڻ ڏني آهي پر ان جي باوجود ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو.

هنن چيو ته هن ڀيري هو چونڊن جو بائڪاٽ ڪندا ۽ پ پ اميدوارن کي ووٽ نه ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NorthWaziristan7Martyred, , Thar, IGSindh, Badin, Khoski

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-22

*اتر وزيرستان:فورسز جو آپريشن،9 دهشتگرد مارجي ويا، آفيسر سميت 7 اهلڪارشهيد *ٿر ۾ ڏڪاري حالتن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے