21 جمعو , سيپٽمبر 2018

رنبير جي فلم” سنجو“ 300 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل

Ranbir's movie "Sanju" included in the 300-crore movieممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ اداڪار رنبير ڪپور جي فلم” سنجو“  باڪس آفيس تي ڪمائي جو نئون ريڪارڊ جوڙيندي 300 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي وئي آهي. باليووڊ ليجنڊري اداڪار سنجي دت جي حياتي تي ٺاهيل فلم ”سنجو“ ريليز ٿيڻ کان ويندي هن وقت تائين ڪيترائي ريڪارڊ پنهنجي نالي ڪري چڪي آهي ۽ فلم باڪس آفيس تي اڃان تائين مخلتف ريڪارڊ ٽوڙي رهي آهي.  فلم ڀارت ۾ 16 ڏينهن ۾ 300 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪري ان ڪلب ۾ شامل ٿيندڙ رنبير ڪپور جي پهرين ۽ باليووڊ جي ستين فلم جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. سنجو ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ 500 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪمائي ڪري چڪي آهي، جنهن بعد اها فلم به سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ فلمن جي فهرست ۾ اچي وئي آهي. ياد رهي ته فلم پهرين ڏينهن ئي سال جي بهترين فلم بڻي هئي، جڏهن ته 3 ڏينهن ۾ ئي  100 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪيو هو. ”سنجو“ رنبير جي ڪيريئر جي سڀ کان ڪامياب ترين فلم آهي جنهن جي شاندار ڪاميابي  کيس باليووڊ ۾ تي راڄ ڪندڙ خانن جي مقابلي ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. فلم ۾ رنبير ڪپور مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ٻين ادڪارن ۾ پاريش راول، سونم ڪپور، انوشڪا شرما، ديا مرزا سميت ڪيترائي اداڪار شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے