16 خميس , آگسٽ 2018

ناريل پاڻي جو استعمال مختلف بيمارين کان بچاءُ لاءِ فائديمند

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ناريل قدرت طرفان انسانن کي ڏنل اهڙو تحفو آهي جنهن جا بيشمار فائدا آهن ناريل کي ائين کاڌو وڃي يا ان جو پاڻي پيتو وڃي ٻنهي صورتن ۾ ناريل انسان کي فائدو پهچائندو آهي.

ڪچو ناريل:

 سبز يا ڪچي ناريل جي پاڻي ۾ وٽامن سي، فائبر ۽ منرلز وڌيڪ مقدار ۾ هوندا آهن. ناريل پاڻي ۾ 94 سيڪڙو پاڻي شامل هوندو آهي جيڪو انسان جي اڃُ اجهائڻ  سان گڏ جلد ۽ جسم لاءِ پڻ فائديمند هوندو آهي.

ناريل جو پاڻي شگر جي مريضن لاءِ فائديمند:

ماهرن موجب ناريل جو پاڻي جسم ۾ شگر جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪندو آهي. شگر جا مريض بنا ڪنهن خدشن جي ناريل جو پاڻي پنهنجي روزاني کاڌ خوارڪ ۾ استعمال ڪري سگهن ٿا. ناريل جي پاڻي ۾ فائبر کانسواءِ ميگنيشيم پڻ موجود هوندو آهي جيڪو ذيابطيس جي 2 نمبر قسم جي مريضن جي شگر گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي.

اينٽي آڪسيڊنٽ:

ناريل جو پاڻي اينٽي آڪسيڊنٽ جو بهترين ذريعو آهي جيڪو جسم کي نقصان پهچائيندڙ شئين کان محفوظ رکندو آهي. انکانسواءِ  هي جسم ۾ بلڊ پريشر ۽ انسولين ليول کي ظابطي ۾ رکندو آهي.

گردن جي مريضن لاءِ فائديمند:

ناريل تي ڪئي ويندڙ تحقيق ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته ناريل جو پاڻي گردن جي مريضن لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي. ناريل جو پاڻي پيئڻ سان گردن ۾ پٿري ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويندا آهن. انکاسواءِ ناريل جو پاڻي ڪرسٽل کي گردن ۾ چنبرڻ کان روڪيندو آهي ۽ آساني سان ان جي خارج ٿيڻ ۾ مدد ڪندو آهي، انڪري سادو پاڻي پيئڻ تي گردن جي بيماري لاءِ فائديمند آهي ئي پر ناريل جو پاڻي سادي پاڻي جو تمام بهترين متبادل ثابت ٿي سگهي ٿو.

 دل جي مريضن لاءِ فائديمند:

ناريل جو پاڻي دل جي مريضن ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ پڻ تمام گهڻو فائديمند آهي، ناريل جو پاڻي دل جي بيمارين کي گهٽ ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪندو آهي، ناريل جي پاڻي ۾ ڪوليسٽرول گهٽ ڪرڻ جي بهترين صلاحيت هوندي آهي جنهن سبب دل جي بيماريون ٿيڻ جو خدشو گهٽ هوندو آهي.

انرجي شربتن جو متبادل:

ورزش بعد گهڻا ماڻهو انرجي وڌائڻ لاءِ شربتن جو استعمال ڪندا آهن پر انهن شربتن جي جاءِ جيڪڏهن ناريل جو پاڻي استعمال ڪيو وڃي ته ان جا فائدا ٻين شربتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندا آهن. ناريل جو پاڻي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ کي گهٽ ڪرڻ، پيٽ ۽ معدي جي تڪليف گهٽ ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪندو آهي. انڪري مهانگن انرجي وارن شربتن جي جاءِ جيڪڏهن ناريل جو پاڻي واپرايو وڃي ته وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The hottest sleeping habit causes death before time: research

تمام گهڻي ننڊ ڪرڻ واري عادت وقت کان اڳ موت جو سبب بڻجي ٿي: تحقيق

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) جيڪي ماڻهو روزاني 9 کان 10 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے