19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: مورو: شهرين جو وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج

Moro: Protest against the increasing disaster of the citizens*موري ۾ شهرين پاران وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٿاڻي آڏو صادق زرداري، رستم ۽ دالدار سنڌي سميت ٻين وڌندڙ ڦر واقعن خلاف احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي.

ميڊياسان ڳالهائيندي شهرين چيو ته هو ته شهر ۾ هر آئي ڏينهن ڦر واقعا وڌندا پيا وڃن، ڏينهن ڏٺي جو شهرين کان ڦر ٿي رهي آهي، پر پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.

هنن چيو ته موبائل مارڪيٽ ۾ ڏينهن ڏٺي  ڦورو  هزارين رپيا ۽ موبائيل فون ڦري سولائي سان فرار ٿي ويا، پر پوليس اگهور ننڊ ستل آهي.

سندن چوڻ هو ته ڦر واقعا معمول بڻجي ويا آهن، جنهن سبب هو شهر ۾ خوف وارو ماحول جڙي ويو آهي.

شهرين ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري ڦر ٿيل واپس ڪرائي امن قائم ڪري……

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے