26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: قمبر: بجلي جي تارن ۾ سڙي زخمي ٿيل نوجوان جي علاج لاءِ چندو گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيمپ قائم

Qambar: Camp arranged for the people suffered in shock circuit*قمبر  ۾ بجلي جي تارن ۾ سڙي زخمي ٿيل نوجوان جي علاج لاءِ چندو گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي.

بجلي جي تارن ۾ وچڙي سڙي زخمي ٿيل  نوجوان صدام حسين ٻرڙو جي علاج لاءِ  قمبر سجاگ فورم طرفان ڀٽو چونڪ تي چندو گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيمپ قائم ڪئي وئي  آهي جنهن ۾ شهرين سياسي سماجي تنظيمن،  انسانيت جو درد رکندڙ ماڻهن کي لائوڊ اسپيڪر ذريعي چندي ڏيڻ جي التجا ڪئي وئي آهي.

 ان موقعي تي سيد اخلاق شاهه بخاري،  ڪامريڊ اياز ٻرڙو،  ڪامران رند،  نبيل مرتضي سومرو، بخت جاني،  مھتاب شيخ ۽ ٻين چيو تھ  نوجوان صدام حسين ٻرڙو غريب مسڪين پورهيت آهي جنهن جي جسم جو اڌ حصو سڙي ويو آهي.

هنن چيو تھ  لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرن علاج کان جواب ڏنو آهي.

اڳواڻن چيو تھ  ڊاڪٽرن جو چوڻ هوته  نوجوان جي علاج لاءِ لکين رپين جو خرچ ٿيندو، جڏهن تھ  قمبر جي شهرين سياسي سماجي تنظيمن چندي ۾ حصو ورتو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رات ٻارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-25

*ڀرياسٽي: اغوا ٿيل ڪنڊياري واسي نوجوان جي آزادي لاءِ وارثن پاران احتجاج *ٺٽو: پوليس جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے