25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: مورو: نبن شاھ جي مشين وٽ ناليون ۽  گٽر اٿلڻ  سبب شهر گندگيءَ جي ورچڙهي ويو

Moro: Dirt all over city, gutters and dirty water everywhere*موري  ۾  نبن شاھ جي مشين وٽ ناليون ۽  گٽر اٿلڻ  سبب شهر گندگيءَ جي ورچڙهي ويو، رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

شهرين محمد عرس سوھو ، محمد لغاري ۽ ٻين  ميڊيا آڏو داهيندي الزام مڙهيو تھ  ميونسپل انتظاميا جا ملازم ڀوتارن جي اليڪشن جي ورڪ ۾ مصروف آهن جنهن ڪري شهر گندگيءَ جي ور چڙهي ويو آهي.

هنن الزام مڙهيو تھ  ڀاڄي مارڪيٽ ، شاھي بازار ۽ ريشم گلي کي  سميت سمورن علائقن ۾ گندي پاڻي جا تلاءَ بيهجي ويا آهن جنهن مان شهرين کي گذرڻو پوي ٿو.

هنن چيو تھ گندي پاڻي جي بيهڻ سبب ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو آهي ۽ شهرين کي سخت تڪليف سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

شهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  ميونسپل انتظاميھ خلاف ڪارروائي ڪري شهر کي صاف سٿرو ڪرايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

LiaqatAli, Khairpur

نيوز | خيرپور: ضلعي ۾ اسڪولن ۾ ٻارن جي حاضري وڌائڻ لاءِ مهم هلايون پيا: لياقت علي

 خيرپور ضلعي پرائمري بابت ايجوڪيشن آفيسر  لياقت علي خاصخيلي چيو ته  هو خيرپور ۾ ٻارن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے