20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد:ڪوسٽر ڪلٽي،  هڪ ڄڻو فوت ،13 ڄڻا زخمي، ٽن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي

Hyderabad: Road accident, 13 people injured, 3 in serious condition*حيدرآباد ويجهو  ڪوسٽر ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

  نوناري ڳوٺ ويجهو  حيدرآباد-ٽنڊومحمد خان روڊ تي بدين ويندڙ تيز رفتار ڪوسٽر ڪلٽي ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لطيف آباد نمبر 10 جو رهواسي 60 ورهين جو  هيرو ٺاڪر فوت ٿي ويو، ٻارڙن ۽ عورتن سميت 13 مسافر شديد زخمي ٿي پيا آهن.

زخمين ۾ ملازم ملاح، نبي بخش لاشاري، رميش ٺاڪر، ڪارو ملاح، راجو واڱري، ھرسن ٺاڪر، پرمو ڪولھي، شعيب علي، شبيران  لاشاري، بشريٰ ۽ پٺاڻي لاشاري شامل آهن، ٻڌايو پيو وڃي تھ ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

  اطلاع ملڻ تي هوسڙي ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال حيدرآباد پهچايو جتي کين طبي امداد ڏني پئي وڃي.

هوڏانهن ڪوسٽر  ڊرائيور موقعي تان  فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو،  جڏهن ته پوليس ڪوسٽر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات ٻارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے