18 اربع , جولاءِ 2018

نيوز: نواب ولي محمد: دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي ريلي

Nawabwali Muhammad: Rally against water shortage in link river*نواب ولي محمد  ۾ آبادگارن   دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو  ڪيو.

آبادگارن خميسو خان ڀنڊ، ظفر علي چانڊيو، انور ٻگهيو ، عمران انڙ ،شبير سنگراه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا آڏو دانهيو تھ دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ 26 سالن کان پاڻيءَ جو ڦڙو ناهي  آيو، پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري کين ڪنگال بڻايو پيو وڃي.

هنن چيو تھ  دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي نھ اچڻ سبب  هزارين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي وئي آهي،  آبادگار فاقاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهن.

آبادگارن چيو تھ  ٽن مهينن کان دولتپور شاخ بچايو ڪاميٽي جي هلندڙ احتجاجي تحريڪ جو ڪنهن به ڪاموري نوٽيس ناهي ورتو نھ ئي ڪو لڙي آيو آهي.

 آبادگارن چيف جسٽس آف پاڪستان  کان مطالبو ڪيو تھ دولتپور شاخ جي پڇڙيءَ ۾ پاڻي ڏئي آبادگارن جو معاشي قتلام بند ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Ghotki: PPP has been providing Basic needs to people since beginning: Raja Mehar

نيوز: گهوٽڪي : پ پ هميشه عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون آهن: راجا مهر

*پي ايس 21 تي پ پ جي اميدوار علي نواز خان عرف راجا مهر چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے