19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: شھدادڪوٽ: آبادگارن جو  مختلف شاخن ۾  پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

Shahdadkot: Protest by residents against shortage of waterشھدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان جي آبادگارن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن پاران مختلف شاخن ۾  پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 آبادگارن حيات تنيو، شبير مگسي، غوث بخش مگسي،  ظفر جاگيراڻي، عبدالنبي چنو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي آبادگارن ميڊيا آڏو دانهيو تھ ڍوري شاخ، شاهه بيگ شاخ، پتوجا شاخ سميت 20  کان وڌيڪ شاخن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي.

هنن چيو تھ پاڻي جي کوٽ سبب هزارين آبادگار ساريالو ٻيجارو بھ نھ پوکي سگهيا آهن.

آبادگارن چيو تھ  پاڻي جي کوٽ سبب ماڻهن سميت چوپايو مال به اڃ وگهي تڙپي رهيو آھي ۽  ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي ويئي آھي.

 هنن چيو ته  ڪيترن ئي مهينن کان پاڻي جي کوٽ بابت دانهون ڪري رهيا آھيون پر ڪو بھ  ٻڌڻ وارو ناهي.

آبادگارن چيو تھ جيڪڏهن پاڻي جو مسئلو حل نھ ٿيو تھ ڪنهن بھ اميدوار کي ووٽ نھ ڏينداسين.

هنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ پاڻي جي مسئلي جو نوٽيس وٺي شاخن جي پڇڙن ۾ پاڻي پهچايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے