18 اربع , جولاءِ 2018

نيوز: ٻانڌي: جسقم جو بنا پرمٽ جي وڏيون گاڏيون هلڻ خلاف ڌرڻو

Bandhi: JSQMof the permit to make major moves against vehicles eyewash* ٻانڌي ۾جسقم پاران بنا پرمٽ جي وڏيون گاڏيون هلڻ خلاف احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

مهراڻ هاءِ وي تي بنا پرمٽ وڏيون گاڏيون هلڻ خلاف علي رضا، شفيق شاهه ۽ بادل بروهي سميت ٻين احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو.

ڌرڻي ۾ هفتو اڳ مسافر ڪوچ ۽ ويگن جي ٽڪر ۾ فوتي جا واث پڻ شريڪ ٿيا، جنهن پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي احتجاج ڪندڙن چيو ته هفتو اڳ دوڙ ڀرسان ٿيل روڊ حادثي ۾ ڪيتريون انساني جانيون ضايع ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي ويا هئا، ان باوجود بنا پرمٽ جي وڏيون گاڏيون بند ناهن ٿيون.

هنن چيو ته هيوي گاڏين ۽ مسافر ڪوچن جو هتان کان روٽ نه هجڻ باوجود به وڏين گاڏيون هتان گذرن ٿيون، جنهن سبب ڪيترائي حادثا ٿيڻ معمول بڻجي ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته سڪرنڊ ۽ راڻي پور مان وڏين گاڏين جو گذر مهراڻ هاءِ وي تان بند ٿيندو ته حادثن ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

 هنن ڊي سي ۽ ايس ايس پي نوابشاھ کان مطالبو ڪيو ته مهراڻ هاءِ وي تان وڏين جو گذر بند ڪري حادثن ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمين جي مالي سهائتا ڪن…

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chuhar Jamali: The situation in Sindh is deteriorating: Aisha Gulalie

نيوز: چوهڙ جمالي: سنڌ جي ماڻهن کي حالت ڏسي کيس روئڻ اچي ٿو: عائشه گلالئي

* پي ٽي آءِ گلالئي جي چيئرپرسن عائشه گلالئي چونڊ مهم جي سلسلي ۾چوهڙ جمالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے