20 خميس , سيپٽمبر 2018

زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي، ڊڄڻ وارا ناهيون: اڪرم دراني

بنون (ويب ڊيسڪ) ايم ايم اي اميدوار اڪرم دراني چيو آهي ته زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي، اسان ڊڄڻ وارا ناهيون، سياست به ڪنداسين جلسا به ڪنداسين. بنون ڌماڪي ۾ بچي ويل ايم ايم اي اميدوار اڪرم دراني صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان انهن مان ناهيون، جيڪي ملڪ ڇڏي ٻاهر ڀڄي وڃن، رت جو آخري ڦڙو به ملڪ لاءِ قربان ڪنداسين. واضح رهي ته اڄ صبح بنون جي علائقي حويد ۾ اڪرم دراني جي قافلي تي اڻڄاتل ماڻهن طرفان بم حملو ڪيو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا شهيد ۽ 35 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته اڪرم دراني محفوظ رهيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے