25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

مستونگ: چونڊ مهم دوران آپگهاتي ڌماڪي ۾ سراج رئيساڻي سميت 100 ڄڻا شهيد

Dharmako in Mastung: Baluchistan of the Awami Party Siraj Raheerani was injured

مستونگ(ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي نگران گهرو وزير آغا عمر بنگلزئي مستونگ ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 100 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. چونڊ مهم دوران آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار نوابزاده سراج رئيساڻي سميت 100 ڄڻا شهيد ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ليويز ذريعن موجب مستونگ جي علائقي درينڳڙهه ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي جي چونڊ مهم دوران آپگهاتي حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيڳ جنهن جي نتيجي ۾ 100 ڄڻا شهيد ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي آهن. ڊپٽي ڪمشنر مستونگ واقعي ۾ 100 ڄڻن جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته نوابزاده لشڪري رئيساڻي پنهنجي ڀاءُ سراج رئيساڻي جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر مستونگ موجب سراج رئيساڻي کي زخمي حالت ۾ علاج جي لاءِ ڪوئيٽا اماڻيو ڪيو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. مستونگ ڌماڪي بعد ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، موڪل تي موجود ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي کي واپس طلب ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر مستونگ موجب ڌماڪي جي ڪيترن ئي زخمين کي ڪوئيٽا جي اسپتالن ڏانهن اماڻيو ويو آهي جڏهن ته ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مستونگ ڌماڪي جي 53 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال ذريعن موجب ڌماڪي ۾ شهيد 38 ڄڻن جا لاش سول اسپتال جڏهن ته 6 جا لاش بي ايم سي ۾ موجود آهن. مستونگ واقعي ۾ شهادتون وڌڻ سبب ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي مرده خاني ۾ ميتون رکڻ جي جاءِ گهٽ ٿي وئي آهي ۽ مرده خانن کان سواءِ (ايمرجنسي) حادثن واري شعبي ۾ به ميتون رکيون ويون آهن. ياد رهي ته نوابزاده سراج رئيساڻي بلوچستان عوامي پارٽي جو اميدوار هو ۽ تڪ پي بي 35 مستونگ تان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو هو جڏهن ته هو اڳوڻي بلوچستان جي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ هو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ به مستونگ ڌماڪي کي آپگهاتي قرار ڏنو آهي جڏهن ته بي ڊي ايس موجب ڌماڪي ۾ 16 کان 20 ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو. ٻئي پاسي چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا مستونگ واقعي جو نوٽيس وٺندي بلوچستان جي نگران وڏي وزير، آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سمورن اميدوارن کي بنا امتياز سيڪيورٽي ڏيڻ ۽ چونڊن جي ماحول کي پرامن بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. بلوچستان جي نگران وڏي وزير علاو الدين مري مستونگ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردي جا واقعا چونڊ ڪرائڻ واري عمل کي تار تار نٿا ڪري سگهن ۽ سانحو درينڳڙهه ۾ ملوث عنصرن کي جلد قانون جي ڪٺهڙي ۾ آڻينداسين. هن چيو ته شهيد نوابزاده سراج رئيساڻي محب وطن سياستدان هو ۽ هو ملڪ ۾ مضبوطي پيد اڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيو هو جڏهن ته هو قومي اتحاد ۾ ملڪ جي سلماتي جو عملبردار هو. چونڊ سرگرمين تي 7 ڏينهن ۾ 4 دهشتگرد حملا ٿيا جنهن ۾ 2 اميدوارن هارون بلور ۽ سراج رئيساڻي سميت 65 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي ويا ۽ 130 کان وڌيڪ زخمي ٿي ويا آهن. خيبر پختونخواهه جي علائقي بنون ۾ به ايم ايم اي جي اميدوار اڪرم خان دراني جي چونڊ مهم کي نشانو بڻايو ويو ۽ جلسي کان پوءِ سندس قافلي جي ڀرسان ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. گذريل ڏينهن پشاور ۾ عوامي نينشل پارٽي جي اميدوار بيرسٽر هارون بلرو به ڪارنر ميٽنگ دوران آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويو هو جڏهن ته ان حملي ۾ 22 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Karachi: Outside Bhattarai Parrors in Narthur Nazimabad, Vawan Gum, the Abuse of Abduction by Heritage

ڪراچي: نارٿ ناظم آباد ۾ بيوٽي پارلر ٻاهران ڪنوار گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ بيوٽي پارلر ٻاهران …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے