16 خميس , آگسٽ 2018

عام چونڊون متاثر ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي: عمران خان

Parliamentary attack case: Imran Khan's petition to approve Imran Khanاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان بنون ۾ مجلس عمل جي اميدوار اڪرم دراني تي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته 25 جولاءِ تي ٿيندڙ چونڊن کي متاثر ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته عام چونڊن کي متاثر ڪرڻ  جي سازش جون ڏوريون لوڏيون پيون وڃن، عوام ڪنهن به اهڙي سازش کي تاريخي چونڊن جي رستي ۾ رنڊڪ جي اجازت بڻجڻ نه ڏيندو. هن چيو ته اڪرم دراني جي سلامتي جا اطلاع اطمينان جوڳا آهن. سندس چوڻ هو ته چونڊن جهڙي اهم ترين مرحلي دوران دشمن عدم استحڪام جو خواهشمند آهي، پرامن ماحول ۾ غير جانبدار چونڊ پاڪستان جي مستقبل لاءِ نهايت اهم آهي. عمران خان چيو ته نگران حڪومتون اميدوارن جي سلامتي ۽ مجموعي طور تي امن جي حفاظت لاءِ اهم ترين اوليت بڻائين ۽ ڪنهن کي فساد پيدا ڪرڻ جو موقعو نه ڏين. تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو ته حيران آهيان ته جڏهن نواز شريف ڏکيائي ۾ هوندو آهي ته پاڪستاني سرحد تي صورتحال خراب ٿيڻ ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو آهي، واهه جو عجيب اتفاق آهي؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے