25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ايون فيلڊ هائوس جي ٻاهران جهيڙي بعد گرفتار  ٿيل مريم ۽ حسين نواز جا پٽ آزاد

After the outbreak outside the city house, the son of arrested Maryam and Hussain Nawaz were freeلنڊن(ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ هائوس جي ٻاهران جهيڙي بعد گرفتار ٿيندڙ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ مريم نواز جي پٽ جيند صفدر ۽ سندس ڀاءُ حسين نواز جي پٽ ذڪريا حسين کي آزاد ڪيو ويو .ميٽرو پوليٽن پوليس موجب گذريل ڏينهن ايون فيلڊ هائوس ٻاهران حملي ۾ ملوث 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ بنا چارج ڪرڻ جي کين ڇڏيو ويو هو، جڏهن واقعي جي جاچ جاري آهي. پوليس موجب واقعي ۾ هڪ معمولي زخمي شخص کي اسپتال نيو ويو آهي، جنهن کي طبي امداد ڏيڻ بعد فارغ ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن مريم نواز جي پٽ جنيد صفدر ۽ حسين نواز جي پٽ ذڪريا ۽ ايون فيلڊ هائوس جي ٻاهران مظاهرو ڪندڙ هڪ شخص جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي. ان دوران پوليس موقعي تي پهچي هڪ نوجوان کي مڪو هڻڻ جي الزام ۾ جنيد صفدر کي گرفتار ڪيو هو. لنڊن پوليس حسين نواز جي پٽ ذڪريا جي گرفتاري جي پڻ تصديق ڪئي هئي.جنيد جو موقف هو ته ايون فيلڊ هائوس جي ٻاهران احتجاج ڪندڙن سندس مٿان ٿوڪاريو ۽ حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.  ٻئي پاسي جنيد صفدر جي امڙ مريم نواز جو چوڻ هو ته ايون فيلڊ هائوس جي ٻاهران موجود پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن جڏهن به جنيد صفدر ڏسندا هئا ته گٿن لفظن جو استعمال ڪندا هئا ۽ ڪو به گاريون ڏيڻ تي ردعمل ته ڏيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے