16 خميس , آگسٽ 2018

نواز شريف ايون فيلڊ هائوس وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: شيخ رشيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نواز شريف ٻن سالن دوران لندن ۾ پنهنجي قيمتي ملڪيت وڪروڪئي آهي، نواز شريف ايون فيلڊ جي ملڪيت به وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نواز شريف ايون فيلڊ هائوس کي وڪرو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف لنڊن ۾ پنهنجي سموري ملڪيت وڪرو ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته نواز شريف لنڊن ۾ پنهنجي سموري قيمتي ملڪيت وڪرو ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف لنڊن ۾ پنهنجي مک ملڪيت ۽ هائيڊ پارڪ جي آسپاس سموري ملڪيت وڪري ڪري ڇڏي آهي. شيخ رشيد چيو ته تحريڪ انصاف لاهور مان چونڊ وڙهڻ جي دعوت به ڏني آهي ۽ عليم خان چيو ته مون کي لاهور ۾ گهر به ڏيندو. هن چيو ته مان لاهور مان چونڊ وڙهڻ کان انڪار ڪيو آهي، راولپنڊي جو آهيان ۽ اتان ئي چونڊ وڙهندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے