16 خميس , آگسٽ 2018

آرمي چيف 12 خطرناڪ دهشتگردن کي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي

روالپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 12 خطرناڪ دهشتگردن جي موت جي سزا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب غني رحمان، عبدالغازي، ضياءَ الرحمان، جاويد خان، محمد زبير، عمر نواز، ساجد خان، هيبت خان،احمد شاهه، باز محمد، مومن خان ۽ سليمان بهادر کي فوج عدالتن مان سزا ملي آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته خطرناڪ دهشتگرد پاڪ فوج، تعليمي ادارن، ٽيليفون ايڪسچينج تي حملن ۾ ملوث هئا، جڏهن ته ساڳين دهشتگردن بنون ۽ ڊي آءِ خان جيل تي حملا ڪيا. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مجموعي طور تي اهي دهشتگرد 7 شهرين ۽ 92 سڪيورٽي اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث آهن، جڏهن ته هنن جوڊيشل مئجسٽريٽ ۽ ٽرائل ڪورٽ سامهون پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو. ترجمان موجب دهشتگردن کي فوجي عدالت موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو جڏهن ته فوجي عدالت 6 دهشتگردن کي قيد جي سزا ٻڌائي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي اميدوار بابت ن ليگ کي خدشن کان آگاهه ڪري ڇڏيو هو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان ن ليگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے