25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

افغانستان ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ طالبان وچ ۾ سخت چڪريون، 40 فوجي ۽ 24 ويڙهاڪ مارجي ويا

Security forces and Taliban struggles in Afghanistan, 40 soldiers and 24 wounding were killedڪابل/ لنڊن/جده(ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ 40 افغان فوجي ۽ 24 ويڙهاڪ طالبان مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب قندوز صوبي ۾ طالبان جي حملي ۾ 40 افغان فوجي مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا، طالبان طرفان پل مومن فوجي اڏي کي نشانو بڻايو ويو، ويڙهاڪ طالبان هٿيار پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا. ذريعن موجب قندوز صوبي جي ضلعي خواجه گهر ۽ دهشت آرچي ۾ سخت ويڙهه هلي رهي آهي، ٻئي پاسي افغان سيڪيورٽي فورسز جي ملڪ جي مختلف حصن ۾ بمباري جي نتيجي ۾ ڪيترائي ويڙهاڪ پڻ مارجي ويا آهن، سيڪيورٽي فورسز  پڪتيا صوبي  جي ضلعي زرمت ۽ احمد ابا ۾ ويڙهاڪ طالبان جي اڏي تي بمباري ڪئي، غزني صوبي ۾ به طالبان تي بمباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 24 طالبان مارجي ويا جڏهن 17 زخمي ٿي پيا. ياد رهي ته اربع ڏينهن 27 طالبان ماريا ويا هئا.  فراه صوبي جي اوڀر واري علائقي ۾ پڻ فورسز ۽طالبان ۾ سخت ويڙهه هلي رهي آهي، طالبان حملن جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي، هوڏانهن سعودي عرب ۾ ٿيندڙ علماءَ ڪانفرنس افغانستان ۾ جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏيندي حڪومت ۽ طالبان سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. سعودي شهزادي خالد الفيصل جي صدارت  هيٺ جدا ۾ علماءَ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ سڄي دنيا مان 200 کان وڌيڪ مذهبي اڳواڻن شرڪت ڪئي جن ۾ پاڪستان جا 12 علماءَ  پڻ شامل هئا. ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”مڪه علاميه“ جاري ڪيو ويو  جنهن ۾ افغانستان ۾ ڌرين سان جنگبندي ڪري امن لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو . سعودي فرمانروا شاهه سلمان چيو ته مڪه ڪانفرنس سان افغانستان ۾ سلامتي ۽ استحڪام جو نئون باب کلندو . هوڏانهن افغان طالبان پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان اڳ ئي ان کي رد ڪندي سعودي عرب جي حوالي سان انتهائي سخت بيان جاري ڪيو آهي. طالبان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته افغانستان جي جنگ ڪا مقامي اندروني تڪرار نه پر هڪ اسلامي ملڪ تي ڪفر جي جارحيت آهي جنهن جي خلاف طالبان جي مزاحمت جهاد فرض آهي، ڪنهن کي ڪو به حق حاصل ناهي ته ان جهاد کي ڏڦيڙ قرار ڏئي ۽ نه ئي ائين ڪرڻ ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Trade war between the United States and China: another applied applies to tariffs

آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ واپاري جنگ: هڪ ٻئي جي شين تي ٽيرف لاڳو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) دنيا جي ٻن وڏين معاشي طاقتن آمريڪا ۽ چين هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے