23 آچر , سيپٽمبر 2018

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي برطانوي حڪومت تي ڇتي تنقيد

US President Donald Trump criticized criticism on the British governmentلنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا جي دوري تي آيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ برطانوي حڪومت مٿان ڪڙڪي پيو. برطانوي ميڊيا جي رپورٽن موجب لنڊن جي دوري تي آيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي هڪ انٽرويو دوران برطانوي حڪومت مٿان ڪڙڪي پيو، هن برطانوي وزيراعظم ٿريسامي تي تنقيد ڪندي چيو ته بريگزٽ واري معاملي ٿريسامي کي سمجهايو به هو پر هن ان جي ابتڙ ڪيو. ڊونلڊ  ٽرمپ جو چوڻ هو ته بريگزٽ سان برطانيا کي تمام وڏو نقصان ٿيندو، بريگزٽ جو مطلب آمريڪا سان واپاري لاڳاپن جي مستبقل جو قتل آهي، هن چيو ته جيڪڏهن بريگزٽ پلان تي عمل ٿيو ته پوءِ اسان يورپ سان معاهدو ڪنداسين. اڳوڻي پرڏيهي وزير بورس جانسن جي حوالي سان آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته هو برطانيا جو بهترين نمائندو آهي، بورس جانسن سٺو برطانوي وزيراعظم ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ اميد آهي ته هو هڪ ڏينهن حڪومت ۾ ضرور واپس ايندو. ان کان اڳ لنڊن جي ميئر  صادق خان جي باري ۾ ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هن جي ڪارڪردگي انتهائي خراب رهي آهي، غيرقانوني پرڏيهين کي واپسي جي اجازت ڏئي صادق خان دهشتگردي جا واقعا ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به ناڪام رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے