16 خميس , آگسٽ 2018

لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان گرفتار ليگي اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ غير قانوني طور گرفتار ڪيل مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي اڄ ئي آزاد  ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس انوار الحق ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم تي آءِ جي پنجاب ڪليم امام ۽ گهرو سيڪريٽري پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران جسٽس انوار الحق پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان وٽ ڄاڻايل ماڻهن جي ڪا لسٽ آهي جن کي توهان گرفتار ڪيو آهي جنهن تي گهرو سيڪريٽري عدالت کي آگاهه ڪيو ته 141 ماڻحن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي آءِ جي پنجاب چيو ته دهشتگرديءَ کي نظر ۾ رکندي گرفتاريون ڪيون ويون آهن جنهن تي عدالت قرار ڏنو ته ڪا به اهڙي حرڪت نه هئڻ گهرجي جنهن سان نظام خراب ٿي. عدالت حڪم ڏنو ته جيڪي ماڻهو غير قانوني قيد ۾ آهن تن کي اڄ ئي آزاد ڪيو وڃي ۽ گرفتار ٿيل ماڻهن جي لسٽ به عدالت ۾ ڏني وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، عمران خان ۽ شهباز شريف ۾ مقابلو ٿيندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ جي 22 هين وزيراعظم جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے