19 اربع , سيپٽمبر 2018

گرين شرٽس جو پهرين ون ڊي ميچ ۾ زمبابوي کي ڪاميابي لاءِ 309 رنسن جو ٽارگيٽ

Zimbabwe's decision to field the Tests against the Green Shirts

بلاوايو(اسپورٽس نيوز) پنجن هڪ ڏينهن واري سريز تي ٻڌل پهرين ميچ ۾ پاڪستان زمبابوي کي ڪاميابي لاءِ 309 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو. زمبابوي جي شهر بلاوايو ۾ کيڏي ويندڙ پنج ون ڊي ميچن جي سريز جي پهرين ميچ ۾ زمبابوي پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان فخر زمان ۽ امام الحق اننگز جي شروعات ڪئي، ٻنهي اوپنرن اننگز جي شروعات پراعتماد نموني ڪئي ۽ پهرين وڪيٽ لاءِ 133 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي جنهن بعد فخر زمان 60 رنسون اسڪور ڪرڻ بعد آئوٽ ٿيو. امام الحق 129 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي. ون ڊائون پوزيشن تي بيٽنگ لاءِ ايندڙ بابر اعظم 30، شعيب ملڪ 22، ڊبيو ڪندڙ آصف علي به 25 بالن تي 46 رنسون جي تيز اننگز کيڏي جنهن جي مدد سان پاڪستان مقرر اورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون ٺاهيون. ۽ زمبابوي کي ڪاميابي لاءِ 309 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ زمبابوي جي ٽيمن وچ ۾ٻي ون ڊي ميچ 16 جولاءِ، ٽين ميچ 18، چوٿين ميچ 20، جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 22 جولاءِ تي کيڏي ويندي. ان کان اڳ کيڏيل ٽه ملڪي ٽي ٽوئنٽي سيريز جو ٽائيٽل گرين شرٽس پنهنجي نالي ڪيو هو، جنهن ۾ ميزبان زمبابوي سان گڏوگڏ آسٽريلوي ٽيم پڻ حصو ورتو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے