25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

شاهد خاقان عباسي کي اين اي 57 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي

Shahid Khaqan Abbasi was allowed to contest elections in NA-57اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 57 راولپنڊي ون تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ملي وئي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اين اي 57 رولپنڊي ون تان شاهد خاقان عباسي جي نامزدگي ڪاغذن جي منظوري کي درخواست گذار مسعود احمد عباسي طرفان سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو ويو هو. درخواست گذار موقف اختيار ڪيو هو ته شاهد خاقان عباسي حلفي بيان ۽ نامزدگي ڪاغذن ۾ غلط بياني ڪئي ۽ انڪري سندس چونڊ ۾ حصو وٺڻ واري لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي سندس نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا وڃن. درخواست تي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي بينچ اڄ شاهد خاقان عباسي جي نامزدگي فارمن جي منظوري خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته ڇا اهو ڪيس پراپرٽي جي مارڪيٽ ويليو گهٽ ٻڌائڻ بابت آهي؟  هن وڌيڪ پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن شاهد خاقان عباسي حقيقت ظاهر ناهي  ڪئي ته شاهد ڪٿي آهن؟  جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته شاهد خاقان عباسي ريڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ ڪئي آهي. جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ريڪارڊ ٽيمپرنگ ٿيو آهي ته شاهدي ريڪارڊ ٿيڻي آهي. هن درخواست گذار جي وڪيل کي چيو ته توهان جيڪو ڪجهه چئي رهيا آهيون، اهو معاملو سمري پروسيڊنگ ۾ نٿو اچي، ان معاملي جو باقائدا پروسيجر آهي. ان موقعي تي درخواست گذار جي وڪيل کان  چيف جسٽس سوال ڪيو ته اسان کي ٻڌايو ته شاهد خاقان عباسي ڪهڙي مس ڊڪليئريشن ڪئي؟  چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيتري ملڪيت انڪم ٽيڪس ريٽرن ۾ ڄاڻايل هجي ايتري ۽ نامزدگي فارمن ۾ لکي ويندي آهي. ان سان گڏ ئي  چيف جسٽس درخواست گذار جي وڪيل کان سوال ڪيو ته توهان جو ڪيس سان ڪهڙو تعلق آهي؟  ڇا توهان مخالف اميداور آهيون؟  جنهن تي درخواست گذار جي وڪيل جواب ڏنو ته هو ان تڪ جو ووٽر آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته توهان جو هن ڪيس سان نه ڪو تعلق آهي ۽ نه ڪو واسطو، انڪري عدالت جو وقت ضايع نه ڪريو. ان سان گڏ ئي سپريم ڪورٽ شهري مسعود عباسي جي درخواست رد ڪندي شاهد خاقان عباسي کي اين اي 57 روالپنڊي ون تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے