20 خميس , سيپٽمبر 2018

نواز شريف ۽ مريم نواز لنڊن کان ابوظهبي پهچي ويا، نيب پاران گرفتاري جون تياريون مڪمل

Nawaz Sharif and Maryam Nawaz came to London from Abu Nabi, complete the arrest of NAB by NABابوظهبي(ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا آيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز اڄ شام وطن واپس پهچندا، جن جي گرفتاري لاءِ ٻه هيلي ڪاپٽر لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچايا ويا. ياد رهي ته احتساب عدالت 6 جولائي تي ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائيندي نواز شريف کي گڏيل طور تي 11 ورهيه قيد ۽  ڏنڊ، سندس نياڻي مريم نواز کي 8 ورهيه قيد ۽ ڏنڊ جڏهن ته ناٺي ڪيپٽن(ريٽائرڊ) صفدر کي هڪ ورهيه قيد جي سزا ٻڌائي هئي. ڪيپٽن صفدر کي اڳ ئي گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي. گذريل رات لنڊن جي هيٿرو ايئرپورٽ کان روانو ٿيندڙ اڳوڻو وزيراعظم ۽ سندس نياڻي ابوظهبي پهچي چڪا آهن.ابوظهبي کان روانو ٿيڻ بعد ٻئي ڄڻا شام سوا 6 وڳي جي لڳ ڀڳ وطن پهچندا. ابوظهبي ۾ نواز ۽ شريف ۽ مريم نواز جي گرفتاري جي رپورٽن تي پاڪستاني سفارتي اختيارين جو چوڻ آهي ته ائين ممڪن ناهي ۽ نه ئي نيب جي ٽيم  جا گڏيل عرب امارات اچڻ جا ڪي اطلاع آهن. سفارتي اختيارين موجب ابوظهبي ۾ گرفتاري لاءِ ڪو به قانون ناهي، ڪنهن به جوابدار يا ڏوهاري جي گرفتاري لاءِ عالمي قانون جي طور طريقن کي نظر ۾ رکڻو پوندو آهي.  هوڏانهن قومي احتساب بيورو (نيب نواز شريف ۽ مريم نواز کي لاهور ايئرپورٽ تان ئي گرفتار ڪرڻ لاءِ 16 رڪني ٽيم جوڙي آهي. نيب اختيارين موجب ٻه ٽيمون لاهور ايئرپورٽ ۽ ٻه ٽيمون اسلام آباد ايئرپورٽ تي مقرر ڪيون ويون آهن جڏهن ته ٻه هيلي ڪاپٽر پڻ لاهور ايئرپورٽ پهچاياويا آهن.اختيارين موجب نواز شريف ۽ مريم نواز کي گرفتار ڪرڻ بعد اسلام آباد آندو ويندوجتان کين اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے