18 اربع , جولاءِ 2018

ون ڊي سيريز: ٽاس هارائيندڙ ٽيم ڏکيائين کي منهن ڏيندي: سرفراز احمد

بلاويو (اسپورٽس نيوز) قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته زمبابوي جي موسم ڏاڍي ٿڌي آهي، تنهن ڪري ٽاس ڏاڍي اهميت رکي ٿو، ٽاس هارائيندڙ ٽيم ڏکيائين کي منهن ڏئي سگهي ٿي. بلاويو ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته شاداب خان جي موجودگيءَ ۾ ٻئي ليگ اسپنر ياسر شاهه کي کيڏائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان ورلڊ ڪپ لاءِ رانديگرن جي ڪارڪردگي جاچي رهيا آهيون، ياسر شاهه کي گهٽ ۾ گهٽ ۾ ٻه ميچون کيڏائڻ جو ارادو آهي، ان ۾ اسان جي ڪوشش سيريز کٽڻ تي هوندي، ان کانپوءِ روٽيشن پاليسي تحت سڀني کي موقعو ڏينداسين. هن چيو ته زمبابوي جي ٽيم کي ڪنهن به صورت ۾ سولو مخالف نٿا سمجهون، تنهن ڪري شروعاتي ٽنهي ميچن ۾ ڪاميابي ماڻڻ کانپوءِ ڪامبينيشن آزمائينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The annual meeting of PCB under the chairmanship of Najam Sethi, the possibility of approval of important decision-makers

نجم سيٺي جي صدارت هيٺ پي سي بي جو ساليانو اجلاس، اهم فيصلن جي  منظوري جو امڪان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين نجم سيٺي جي صدارت هيٺ بورڊ جي ساليانو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے