18 اربع , جولاءِ 2018

عوام سليڪشن نه اليڪشن چاهي ٿو، سڀني پارٽين جو متبادل ايم ايم اي آهي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قوم جي خواهش آهي ته چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿين، نگران حڪومت کي چونڊن جو مينڊيٽ مليو آهي، ان جي ڪنهن به عمل کي لائيڪ ۽ ڊس لائيڪ جو تاثر نه ملڻ گهرجي. صحافين سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته قوم چاهي ٿي 25 جولاءِ تي اليڪشن ٿئي، سليڪشن نه، چونڊ قانون بلڪل واضح آهن، انهن کان هٽي ڪا به ڳالهه قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ بي يقيني واري صورتحال ۾ لڳي رهيو آهي ته ماڻهو هڪ ڏينهن اڳ به پڇندا ته سڀاڻي چونڊون ٿينديون يا نه؟، پ پ، ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو حقيقي متبادل ايم ايم اي آهي، 25 جولاءِ واريون چونڊون نظريي ۽ تهذيبن وچ ۾ ٿينديون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Two references against Nawaz Sharif will be opened in the open court: Federal cabinet decision

نواز شريف خلاف ٻن ريفرنس جو ٽرائل کليل عدالت ۾ ٿيندو: وفاقي ڪابينا فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے