22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

اليڪشن ڪميشن پري پول رگنگ روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: اسد عمر

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته اسلام آباد انتظاميا ڪنهن جي اشاري تي اسان جي چونڊ مهم روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪڏهن اِهي ڪوششون نه روڪيون ويون ته اسان جي چونڊ مهم متاثر ٿيندي. ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته اليڪشن ڪميشن پري پول رگنگ جون منظم ڪوششون روڪرائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اليڪشن ڪميشن چونڊ ماحول ۾ عدم توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوششن جو نوٽيس وٺي. چونڊ ماحول کي جانبدار بڻائي چونڊن کي قبول ڪرڻ جوڳو بڻائي سگهجي ٿو، اسلام آباد انتظاميا ڪنهن جي اشاري تي اسان جي چونڊ مهم روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جيڪڏهن انهن ڪوششن کي نه روڪيو ويو ته اسان جي چونڊ مهم متاثر ٿيندي، اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد انتظاميا جي ڪردار خلاف نوٽيس وٺي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاناما ريفرنسز جي منتقلي خلاف نيب اپيل 25 سيپٽمبر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم  نواز شريف بابت پاناما ريفرنسز …