20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: نواب شاهه: پاڻي ڪميشن سيشن جج کي طلب ڪندي رپورٽ گهري ورتي

Nawab Shah: Water Commission has demanded the Sessions judge to report a reportپاڻي ڪميشن جي سربراهه رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ تي سيشن جج نوابشاهه کي طلب ڪري رپورٽ گهري ورتي آهي.

نوابشاهه ۾ مختلف منصوبن جو دوري دوران صاف پاڻي جي فراهمي نه ٿيڻ ۽ پاڪ اوسيس جي خراب ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي امير هاني مسلم چيو ته شهرين کي واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ سڄي شهر جو گند وڃي رهيو آهي، اهڙي حالت ۾ شهرين کي صاف پاڻي ڪيئن ملندو.

ضلعي انتظاميه آبپاشي ۽ پبلڪ هيلٿ توڙي ميونسپل ڪميٽي جي اختيارين کي ڇنڊ پٽيندي پاڻي ڪميشن سربراهه چيو ته شهري زهريلو ۽ گندو پاڻي واپرائي رهيا آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

ڪمشنر کي حڪم ڏيندي رٽائرڊ جسٽس امير هاني مسلم چيو ته شاهپور جهانيان النور شگر مل، سڪرنڊ ۽ ٻانڌي شگر ملز کي ٽريٽمينٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ قانوني نوٽيس جاري ڪيو وڃي.

امير هاني مسلم قائد عوام يونيورسٽي واري برساتي نالي مٿان ريتي، بجري جي ڍيپوئن ۽ قبضن بابت ڪمشنر کان پڇاڻو ڪيو، جنهن تي ڪمشنر ڪو جواب نه ڏنو.

پاڻي ڪميشن سربراهه صاف پاڻي جي فراهمي لاءِڊسٽرڪٽ ۽ سيشن جج ظهور هڪڙو کي جاچ آفيسر مقرر رپورٽ طلب ڪري ورتي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے